ذڪر ٿر جي هڪ “سيبتي فرزند” جو

0
58
ذڪر ٿر جي هڪ “سيبتي فرزند” جو

 هُو جنهن جو نالو ئي نُور آھي اُهو ڪُنور ڪئين ٿو ٿي سگهو. هُو ريتن ۽ پريتن جي ديس ۾ پَلي وڏو ٿيو آھي اُھو ڪڏھن به ڪُريت نٿو ڪري سگهي. گُل آھي، جيڪو نيل ڪنول جي نرم پَتن وانگي پاڻيءَ ۾ رهندي به پاپ کي ڇُهي نٿو. هُن جي پُر نُور اکين جي ماڻڪين ۾ هڪڙو ٿر معصوم ٻار وانگي ننڍاکي مُرڪ مُرڪي ٿو. اُھو ٿر جنهن جي بر ۾ ڀٽڪندڙ هن جو ريگستاني رُوح اڄ به پنهنجي وطن جي واريءَ سان وڏي مُحبت ڪندي اُن لاءِ ڪُجهه ڪرڻ جي جُستجُوءَ ۾ جُنبيل آھي. ٿر جي هر منظر تي مري مَٿو ڏيندڙ سائين نُور محمد جڏھن ”مُنهنجو ٿر“ تخليق ڪري ٿو تڏھن روهيڙا رقص ڪندي مٿس فخر ڪن ٿا. سندس بي چين رُوح جي رمزن ۾ ٿر ڪنهن هٺيلي ٻار وانگي گُد ڏيئي سَرهو ٿئي ٿو. تڏھن جڏھن هي ڪنهن اُڃاري ٿاريليءَ پڻهيار جي ٿَڪل پيرن تي ڪپهه جهڙن ڪونئرن لفظن جا پَها رکندي پاڻيءَ جي پُر سوز پيڙائن تي ڪَرب ڀري ڪٿا لکي ٿو. هي لکي ٿو ٿر جي هر اُن عورت جي دلدوز درد تي جنهن ۾ هُوءَ انسان هُوندي به حيوان واري حياتيءَ گهاري ٿي، جنهن کي مقدر هٿ ۾ قلم نه پر ٻُھاري ڏئي ٿو، جيڪا ايتري آزاد آھي جو اوچي آواز سان پنهنجي گهر ۾ به نٿي ڳالهائي سگهي. ايڪهين صديءَ جي جديد ٿر جي عورت اڄ به ارڙھين صديءَ ۾ جيئي ٿي. جنجال ۾ جيون گهاريندڙ اُن عورت تي وستار سان لکندي هي ٿر جي معاشي افراتفريءَ تي به قلم کڻي ٿو ۽  سياسي انتشار تي لکندي ڀٽن ۾ ڀُونچال پئدا ڪري ڇڏي ٿو. هن ٿر جي هر ٻرندڙ اِشو تي بنهه بي باڪيءَ سان تيل ۾ تيليءَ جھڙا ڄر ڄڀون ليک لکي ٿر جي ادبي آڪاش تي ڪيئي ٽانڊاڻا ٽمڪائي ڇڏيا آھن، جن جي جهرمر جهرمر روشنيءَ ۾ ٿر جُون ڀَٽُون فانوسن وانگي چمڪن پيون.

هُو ڇا کائي ٿو، ڇا پيئي ٿو، ڪهڙي چوياريءَ ۾ چار وکون ڀري ٿو، هُن جي ٽوٽل نيٽ ورٿ ڇا آھي اُن سان اسان جو ڪوبه سروڪار ناهي.. اسان کي بس اهو ڏسڻو آھي ته هُو ٿر جو فرزند آھي, هُن ٿر لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪڏھن هڪڙي به ٿرئي کي پيئڻ جي لپ پاڻي جي سهوليت مهيا ڪري ڏني آھي ته آئون سمجهان ٿو هُو خراج تحسين لائق آھي. هُن جيڪڏھن هڪڙي به مسڪين ٿريءَ جي ٻچي کي تعليم پرائڻ لاءِ مدد ڪئي آھي اُن کي داد ڏيڻ اسان جو فرض آھي. هُن جيڪڏھن هڪڙي ڪنهن بيماري ٿريءَ جي شفا لاءِ ڪو قدم ۽ قلم کنيو آھي ته يقين هي آفرين لائق آھي.نُور محمد بجير پنهنجي حَسين حياتيءَ جُون هڙئي وکون هن واريءَ مَنجهه کنيون آھن. هُو “واريءَ مَنجهه وکون” کڻندي ڪڏھن به ٿڪو ناهي، پر ڪڏھن ٿورو ٿڪ ڀڳو آھي ته اُهو به ٿوهر هيٺ، ٿُوهر جي ڇانءُ کيس بڙ کان ڀلي لڳي آھي. هُن جو رولاڪ رُوح اڄ به ٿر جي وڻ وڻ ۾ وچڙي پوي ٿو، هُن کي مِينهن ۾ مور ۽ اڱڻ ۾ ڍور جيترا وڻندا آھن، ايترا ڪوھ مريءَ ۾ پير پَسار ڪندڙ هرڻ هٺيلن جي ڪُلهن تي ڪُڏندڙ ڪاڪُل به ناهن وڻندا. هُو پنهنجي ديس جي ڏيپتي ڏونگر ڪارونجهر سان ڪوڏ ڪندي اُن جي وجود جي بقا لاءِ هر محاظ تي مُڙس ماڻهو ٿي بيهي ٿو. هُو بيهي ٿو اُن پاسي جنهن پاسي وطن جا وارث ڪارڙا ڪولهي پنهنجي ٻاٻاڻيءَ ٻوليءَ ۾ ڪارونجهر کي ٻاپُو چئي ٻولائين ٿا. هُو پنهنجي وشال صحرا جي سمندر ۾ غمن جا غوراب تاريندي به سدائين سَرهو ۽ سُرهو رهي ٿو. هُو رهي ٿو اُنهن ماڻهن جي وچ ۾ جن جا ڏُڪارن ۾ مُنهن لهي ويندا آھن، جن کي مٺو پاڻي فقط مِينهن ۾ ملندو آھي، جن کي ڪانڪهي جي ڇانوَ ايئرڪنڊيشن کان وڌيڪ وڻندي آھي، جن جي ناشتيءَ ۾ منڌيئڙي جي ماريل لسيءَ جي لپ هر پروٽين شينڪ کان مٿي هوندي آھي. اُنهن ڌرتي ڌڻين جي وچ ۾ رهندي هي اُنهن جا سُور پنهنجي کاتي ۾ کڻي ٿو ۽ هر ڏُک کي ڳڻي ٿو. پنهنجي قلم جي نوڪ کي سُورن جي سراڻ تي چاڙھي ماروئڙن جي هر درد کي تحريرن وسيلي تاريخ بڻائي ٿو. هي لکي ٿو ڪوئلي جي ڪاري سون ۾ چانديءَ جھڙا چَم ڳاريندڙ پورهيت هٿن جي پيٽن تي جيڪي ريٽن تي رت ٿيندي مهنگائيءَ ۾ هٿاري ٿي ويا آھن. صحت جي سهوليتن کان محروم ٿر جي ٻھراڙين جي مورن ۽ ڍورن تي لکندي کنوڻ جو کاڄ ٿي ويل بيوس ٿرين جي بنهه ڀاري ڏُک تي به طبع آزمائي ڪري ٿو. ڳڻتين ۾ ڳري ڳري آتم هتيا ڪري مري ويل ٿر جي ماروئڙن جي بيوسيءَ تي اوڇنگارون ڏيندي ڪو ليک لکي ٿو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ هي پنهنجي ٿر سان تعزيت ڪري رهيو آھي. آسمان تي تارن جھڙن ٿري ٻارن جي هٿن ۾ سليٽ ۽ پين بدران مجبور پورهئي جُون لڦُون ڏسي هن جي اکين ۾ علم جي اُڃ لهي اچي ٿي سندس اندر کي رڻ جي رُڃ ڪري وڃي ٿي، ۽ لکي ٿو ٿر جي تباھ ٿي ويل تعليمي نظام تي. سفارشي ڪلچر جي ور چڙھي ويل ٿر جي نوڪرين کان وٺي هر فرسوده روايت تي هن قلم کنيو آھي. وڏي ڳالهه اها آھي ته هن پاڻ ڍؤ تي ماني کائيندي به بُکين کي ناهي وساريو، ۽ اُنهن جي ڏُکن کي پنهنجا ڏُک سمجهي اُنهن جي وارثي ڪئي آھي. هن اُن ٿر جي تڪليفن کي ڪڏھن به ناهي وساريو جيڪو ٿر اڄ به ڏاهليءَ جي ڏھرن ۾ موجود پارن ۾ اَکيون اڙائي پاڻيءَ جي آکاريءَ جو مُنتظر هوندو آھي جنهن جُون اکيون ته پاڻيءَ سان ڀرجيو وڃن ٿيون، پر پخال نٿي ڀرجي. هي اُن ٿر جو درد چڱي ريت ڄاڻي ٿو جنهن ٿر جي گهر ۾ لپ اَٽي جي به وڏي مُشڪل سان اچي ٿي، جيڪو ٿر پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا نه پر حَيا جُون اڳڙيون پائي اُڀراڻي پيرين هن وطن جي تتل ريتن تي هلي ٿو، جنهن ٿر جي هر گهر جو هڪڙو ڀاتي پنهنجن کان پري رهڻ واري پيڙا ڀوڳيندي ڌارين جي درن تي ڌڪا کائي پنهنجي پريوار کي ڦاهي کائڻ کان بچائي ٿو جيڪو ٿر پاڻ نت روز وڏن وڏن بنگلن ۾ رهندڙ ننڍن ننڍن ماڻهن هٿان وڏيون وڏيون تڪليفون تحفن ۾ وصول ڪندي به اوچي ڳاٽ جيئي ٿو. جيئن اسان جو هي دلبر دوست نُور مُحمد بجير جيئي ٿو..!