ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ ۽ سروري تنظيم جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو شعور ڏنو، هن ملڪ ۽ عوام خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. ڀٽي خاندان جون قربانيون عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ جو سبب آهن. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي سياست کي ڊرائنگ روم مان ٻاهر ڪڍي حقيقي قومي جماعت جو بنياد وڌو. شهيد ڀٽو هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو  جو رشتو عوام سان هڪ زنجير وانگي جڙيل آهي. وڏو عرصو گذرڻ باوجود به سموري ملڪ جو عوام ڀٽي جي نالي تي جان نثار ڪرڻ لاءِ آتو آهي.