ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

0
52
ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو
ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ضابطه فوجداري تحت قتل جو سڌو سنئون ٽرائل نه ٿي ڪري سگهي، اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاهه بعد ۾ اعتراف ڪيو ته ڀٽو ڪيس ۾ مٿس پرڏيهي دٻاءُ هو، اهو اسان جي قوم لاءِ  عدالتي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ باب آهي، منهنجي خيال ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل کان محروم رکيو ويو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي وڌيڪ لکيو آهي ته جيڪڏهن ڀٽو ڪيس جهڙن واقعن جو ازالو نه ڪيو ويو ته عدالتي نظام جي شفافيت ۽ عوام جي اعتماد کي خطرو رهندو.