ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي (ش ڀ ) جي شهيد چيئرمين مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان گڏجي نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان ذوالفقار جونيئر هتي هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ فاطمه سان گڏجي هڪ نئين پارٽي ٺاهيندس. هن چيو ته موجوده پيپلزپارٽي کي زرداري ليگ سمجهان ٿو.