ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هٿراڌو مهانگائي ۽ ذخيرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، رمضان جي مقدس مهيني دوران ضروري شين جي اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته انتظاميا کي هدايت ڪريان ٿو ته ذخيرو ڪيل شيون ضبط ڪيون وڃن ۽ قانون تحت انهن جي نيلامي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪمشنر ڪراچي اجلاس کي ٻڌايو ته شهر ۾ 250 کان وڌيڪ “بچت بازار” شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير زور ڏنو ته انهن مارڪيٽن کي موثر انداز ۾ هلائڻ گهرجي ته جيئن ٽرئفڪ جا مسئلا پيدا نه ٿين. مراد علي شاهه، ڊويزنل ڪمشنرن ذريعي، ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ غير ضروري مهانگائي کي روڪڻ لاءِ باقاعدگي سان مارڪيٽن جو دورو ڪن. هن حڪم ڏنو ته قيمتن جون لسٽون فوري طور تي ڇپائي ۽ ورهايون وڃن ۽ رمضان ۾ اگهن تي عمل درآمد جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي. هن زور ڏنو ته وڏن اسٽورن کي مناسب قيمتون برقرار رکڻ جو پابند ڪيو وڃي. گيس جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير رمضان المبارڪ دوران گيس، بجلي ۽ پاڻي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. هن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ پاڻي جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته وزير توانائي ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو بجلي جي لوڊشيڊنگ کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ) سان رابطو ڪري.