گوگل پنهنجي ”رزلٽس ابائوٽ“ فيچر کي ري ڊيزائن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدارن کي سندن ذاتي تفصيلن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿيندو.
هن مقصد لاءِ هڪ نئون ”پرو-ايڪٽيو مانيٽرنگ هب“ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو پهريان کان موجود رزلٽس ابائوٽ يو فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو.
ري ڊيزائن فيچر تحت، واهپيدارن کي ان وقت آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن سندن ذاتي معلومات، جهڙوڪ فون نمبر يا گهر جو پتو، گوگل سرچ جي نتيجن ۾ ظاهر ٿيندو.
ان کان پوءِ، واهپيدار”مانيٽرنگ هب“ ۾ وڃي پنهنجا تفصيل سرچ رزلٽس مان ختم ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهندا.
ان کانسواءِ گوگل سرچ ۾ به واهپيدارن تفصيل ڊليٽ ڪرڻ جا آپشن ڏنا ويندا، جنهن لاءِ کين ڪنهن به سرچ نتيجي جي ڀر ۾ موجود ”ٿري ڊاٽس“ مينيو تي وڃڻو پوندو.
ان سان گڏوگڏ واهپيدارن کي پراڻن سرچ نتيجن کي اپڊيٽ ڪرڻ جو آپشن به ملندو، يعني جيڪڏهن ڪنهن پراڻي ويب سائيٽ تي سندن ذاتي معلومات موجود هوندي ته هو ان کي هٽائڻ يا ويب پيج کي اپڊيٽ ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهندا
ياد رهي ته گوگل طرفان ”رزلٽس ابائوٽ يو“ فيچر 2023 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جو مقصد آن لائن واهپيدارن جي پرائيويسي کي بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ هو.
ان موقعي تي گوگل پنهنجين پاليسين کي به اپڊيٽ ڪيو هو ته جيئن واهپيدار پنهنجون ذاتي تصويرون سرچ رزلٽس مان هٽائي سگهن.
ذاتي ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جو خطرو، گوگل وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو