ڪراچي (اسپورٽس نيوز) زمبابوي خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي انگلينڊ جي جوفرا آرچر جيان تيز بالر بڻجڻ چاهي ٿو، سندس چوڻ اه يته ڪرڪيٽ کان اڳ هارپو ڪندو هئس. لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته مشڪل سان راند طرف آيو آهيان، دڪان تي ڪم ڪيو، هارپو ڪيو. شاهنواز ڏاهاڻي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو ۽ پوءِ پي ايس ايل جو ڇهون ايڊيشن سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. شاهنواز ڏاهاڻي زمبابوي خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ قومي ٽيم جو حصو آهي. شاهنواز ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته پهرين شين بونڊ فيوٽ هو، پر هاڻ هو رٽائر ٿي ويو آهي، هاڻ جوفرا آرچر رول ماڊل آهي، جنهن کي ڏسي ڪاپي ڪندو آهيان. هن چيو ته مان مزدوري ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تائين پهچڻ جو سفر سولو نه هو، والد ڪرڪيٽ کيڏڻ پسند نه ڪندو هو، بابا چوندو هو ته تعليم تي ڌيان ڏئي.