حيدرآباد: ريشم بازار ۽ گوشت مارڪيٽ ۾ دڪان بند ڪرائڻ بابت رابطو ڪرڻ تي ٽيڪسينيشن شعبي جي انچارج عبدالوهاب راجپوت ٻڌايو ته انهن ڪو به دڪان بند ناهي ڪرايو جڏهن ته ايڇ ايم سي جي انڪروچمينٽ واري شعبي پاران گوشت مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته دڪاندار مسواڙ تي ويٺل آهن جيڪي کين وقت سر مسواڙ ڏين ٿا پر ٿي سگهي ٿو ڪنهن دڪاندار مسواڙ ادا نه ڪئي هجي ته عملي پاران ان جو دڪان بند ڪرايو ويو هوندو. اينٽي انڪروچمينٽ جي عملدار شڪيل خان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ريشم بازار ۾ قائم سمورا دڪان ٽيڪسينيشن شعبي جي عملدارن بند ڪرايا آهن ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل دڪان ايڇ ايم سي جي ملڪيت آهن ۽ دڪانن ۾ مختلف قسم جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن وٽ ڪا به اهڙي لکت ناهي جنهن سان کين اهو لڳي ته اهي دڪان ايڇ ايم سي جي ملڪيت آهن. هنن چيو ته ايڇ ايم سي جي ملڪيت هئڻ باوجود دڪانن جو ڪرايو پرائيويٽ ماڻهو وٺندا رهن ٿا جنهن ڪري انهن دڪاندارن کان معلومات ورتي جنهن وٽ ايڇ ايم سي جي ڪا لکت هئي انهن جا دڪان بند نه ڪرايا ويا جڏهن ته پرائيويٽ ماڻهن کان اسٽامپ پيپر تي لکت ڪرائي ڪاروبار ڪندڙ ڪجهه دڪاندارن جا دڪان بند ڪرايا ويا آهن. عملدار دعويٰ ڪئ ته گوشت مارڪيٽ ۾ رڳو انهن حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي هئي.