بدين: سنڌ جي سرموڙ شاعر ڊاڪٽر اڪاش انصاري جو مڙھه بدين پھچي ويو پير چوڪ بدين تي ھزارين ماڻھن مٿس گلن جي ورکا ڪري گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، مرحوم جو جنازو سندس گھر علي ٽائون پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو سندس جنازي نماز الله والا چوڪ بدين ڀرسان قطر مسجد ۾ ادا ڪئي وئي سندس مڙھ وصيت مطابق درگاھ شيخ عمر قبرستان ۾ ھزارين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ تعليم کاتي سنڌ جي وزير سردار شاھ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر، لالا رحمان سمون، اياز آمر شيخ خليل پروفيسر طفيل چانڊيو، اسلم راھو، خالد ڪنڀار دودو چانڊيو حاجي ساند، امير حسن ازاد شاعر احمد سولنگي سميت سڄي سنڌ مان شاعرن اديبن صحافين وڪيلن ڊاڪٽرن سول سوسائٽي جي اڳواڻڻ واپارين سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
آڪاش انصاري جي هنج ورتل پٽ شاهه لطيف کي به زخم رسيا
حيدرآباد: ڊاڪٽر آڪاش انصاري پاران پاڙيسري دوست کان هنج ورتل پٽ شاهه لطيف انصاري به باهه واري واقعي دوران زخمي ٿي پيو جنهن کي ريسڪيو ٽيمون سول اسپتال کڻائي ويون. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي صرف هڪ نياڻي جو اولاد آهي جيڪا هن وقت جڊيشل مئجسٽريٽ احسان انصاري جي وني آهي.