دڙو (ن پ ا) دڙو ڀرسان ڳوٺ ناٿو ملاح جي رهواسڻ 13ورهين جي نينگري راڻي ڌيءُ گل محمد ملاح پراسرار نموني فوت ٿي وئي، سندس پيءُ گل محمد ملاح پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گهرن جي ڀر ۾ ٺري ڍنڍ مان بيھه ڪڍي رهيو هئس ته ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو ته نياڻي ٻڏي فوت ٿي وئي آهي، گهر پهتس ته نياڻي جا ڪپڙا پاڻي ۾ پسيل نه هئا، شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي، دڙو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ ڪري نينگري جو لاش سجاول اسپتال اماڻيو ويو، ڊاڪٽر مرتضيٰ ڪنڀر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته نينگر ٻڏي فوت ٿي آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آر ايڇ سي دڙو ۾ ايمبولنس نه هجڻ ڪري لاش وارث سوزڪي ۾ سجاول اسپتال کڻائي ويا، ٻئي پاسي دڙو پوليس ٻڌايو ته وارثن پاران نينگري جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪارڻ معلوم ٿيندو.