پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان چينل موري تي مسجد مان تشدد ٿيل لڳ ڀڳ 35 سالن جي عورت شبانا جو لاش هٿ آيو آهي، عورت شباناسان گڏجي آيل شخص پاڻ کي ڳوٺاڻن اڳيان سيد صداقت علي شاهه سڏائيندو رھيو، ڳوٺاڻن کي ھن ٻڌايو ته زال بيمار ھئي، درگاهه سمن سرڪار تي زيارت لاءِ آيا ھئاسين گاڏي نه ملڻ تي رات مسجد ۾ رھي پياسين ته زال فوت ٿي وئي، جنھن تي چئنل موري ڀرسان ترڪ برادري جون عورتون مسجد پھتيون جتي عورتن ڏٺو ته فوتي عورت شبانه جي ڪن مان رت ۽ وات مان گج وھي رھي ھئي، عورتن جي واويلا تي ڳوٺاڻن ھمراهه کي قابو ڪري پنگريو پوليس حوالي ڪيو، جتي سندس نالو صداقت علي ميراڻي مستقل پتو شڪارپور ضلعو ۽ عارضي پتو ملير ضلعو لکيل ھو جنھن تي پنگريو پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس کي ھڪ ڪفن ۽ قبر ۾ استعمال ٿيندڙ تڏو ھٿ آيو جنھن بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو باگو تعلقه اسپتال آندو، جتي ناري جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ٻئي پاسي ايس ايچ او پنگريو منظور نھڙيو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سجاول ضلعي جي دڙو شھر ۾ درگاهه نسر علي شاهه جي ميلي ۾ جوابدار صداقت علي ميراڻي پنھنجي زال شبانه کي ڪنھن ڳالهه تان جھيڙي بعد قتل ڪيو، ميلي مان زال جو لاش کڻائي پنگريو ڀرسان درگاه سيد سمن سرڪار جي قبرستان ۾ دفن لاءِ آيو پئي ته رستي ۾ سوزوڪي جي ڊرائيور لاش چينل موري پنگريو ڀرسان ڇڏي پاڻ ھليو ويو، جنھن کانپوءِ سجاول پوليس سان رابطو ڪيو آهي، ٻئي پاسي پنگريو پوليس ۽ ڊي ايس پي ھيڊڪوارٽر قربان ملاح عورت جو لاش ۽ جوابدار صداقت ميراڻي کي سجاول پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.