ميرپوربٺورو (ن پ ا) دڙو واسي سولنگي برادري جي عورتن ياسمين سولنگي، حليمان سولنگي ۽ زاهده سولنگي معصوم ٻارڙن سميت پوليس خلاف صوفي شاھه عنايت شھيد پريس ڪلب ميرپوربٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي عورتن دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اسان جي نوجوانن ۽ کڏا برادري جي نوجوانن جو ۾ جهيڙو ٿيو هو، پوليس عملدار اصغر کڏو جي ونگار وهندي پوليس ٻن نوجوانن حيدر سولنگي ۽ قمر کي گرفتار ڪري مٿن منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نوجوانن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کين فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.