دڙو (ن پ ا) دڙو رٽا سومرو لائقپور ۾ ھلندڙ منشيات خلاف مختلف سياسي پارٽين جسقم عوامي تحريڪ، جي يو آءِ، پ پ شھيد ڀٽو، ايس ٽي پي جي اڳواڻن نوجوان اتحاد رٽا سومرو جي سڏ تي لائقپور کان ست ڪلوميٽر موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي دڙو شھر پھتا جتي پڃاري پل تي احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو جنھن سبب ڪراچيءَ ٺٽو روڊ ڪيترائي ڪلاڪ بند ٿي ويو جتي اڳواڻن آزاد رشيد سومرو، ڪامريڊ عزيز سومرو، عبدالڪريم پليجو، حافظ عبدالغفور ميمڻ، شوڪت سومرو، سچل سومرو، امير آڪاش ميمڻ، انور ملاح، منصور چوھاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھٿ وٺي ضلعي سجاول ۽ ٻھراڙين کي منشيات جو ڳڙهه بڻايو ويو آهي جنھن قانوني غير اخلاقي ڌنڌي ۾ پوليس ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھي جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر رٽا سومرو اسٽاپ آھي جتان پوري ضلعي ۾ آئيس، ھيروئن سميت ھر منشيات سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رھيو آھي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن خلاف نوٽيس وٺي مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ھتان جي نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن.