دڙو (ن پ ا) دڙو پوليس پاران پ پ جي جهوني اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڪارڪنن اڳوڻي ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ چار ڪلاڪ ڪراچي حيدرآباد ٺٽو روڊ تي ڌرڻو هنيو. پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي پاران ايس ايچ او دڙو خلاف ڪارروائي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او دڙو رڪارڊ ٺاھڻ لاءِ مزدورن کي منشات فروش ڄاڻائي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي ايم اين اي ارباب وزير ميمڻ جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او دڙو پارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ۽ ضلعي سجاول جي پ پ قيادت خلاف گٿا لفظ ڳالهايا،  ھن چيو ته اھڙي شڪايت وزيراعليٰ سنڌ ۽ نثار کھڙو کي به ڏني آھي، ٻي طرف ايس ايچ او دڙو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته  پ پ قيادت خلاف ڳالهائڻ جو ڪوڙو الزام ھنيو ويو آھي. منشات فروشن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪنهن به منشات فروش کي بخش نه  ڪندس.