دڙو(ن پ ا) ايم آر ڊي جي 83 ۽ 86 واري تحريڪن ۾ جيل جون سختيون ۽ ڪوڙا کائيندڙ پيپلز پارٽي دڙو جي پراڻي جيالي مرحوم استاد بخشو سولنگي جي 30 ورهين نوجوان نياڻي نازيا ۽ 25 ورهين پٽ شاهنواز سولنگي پراسرار بيماري لڳڻ سبب گذريل پنج سالن کان هلڻ ۽ ڦرڻ کان لاچار بڻجي کٽ تي پيل آهن، سندن ڪنهن به سار نه لڌي ان حوالي سان پ پ جي پراڻي جيالي مرحوم استاد بخشو سولنگي جي بيواهه پيرسن حُسني سولنگي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري سڄي زندگي پيپلز پارٽي کي ڏني دڙو ڪراچي جي بس تي ڊرائيونگ ڪري ٻچن کي کارائيندو هو، گهڻو وقت جيل ۾ رهيو مون مزدوريون ڪري ٻچن کي پاليو گذريل پنجن سالن کان وٺي منهنجي نوجوان نياڻي نازيا ۽ پٽ شاهنواز کي پراسرار بيماري لڳڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي گهر ۾ پيل آهن، مون وٽ سندن علاج ڪرائڻ جي وصحيت نه آهي، هاڻ پيرسن ٿي وئي آهيان ڪا مزدوري به نه ٿي ڪري سگهان، مرحوم استاد بخشو جي پٽ اشرف سولنگي هن ملڪ جي صدر آصف زرداري پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ مراد علي شاه صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پ پ ضلعي سجاول جي صدر صوبائي وزير محمد علي خان ملڪاڻي کي اپيل ڪئي ته جئين مونکي پٽيوالي نوڪري ڏني وئي آهي ،اهڙي نموني منهنجي نوجوان ڀيڻ ۽ ڀاءُ تي رحم کائي سندن سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.