دڙو(ن پ ا) 10 ڪروڙ کان مٿي بجيٽ ۽ هڪ هزار کان مٿي او پي ڊي رکندڙ آر ايڇ سي دڙو جي ٽن مهينن کان بجلي ڪٽيل اسپتال اونداهي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري دڙو ۽ آسپاس کان ايندڙ مختلف بيمارين ۾ ورتل ۽ ايمرجنسي جا مريض سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا دڙو ٻنون روڊ لڳ رٽا سومرو ويجهو ڳوٺ ويندي ڳوٺاڻو محرم پٽ ڌڻي بخش جاکرو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن آر ايڇ سي دڙو پهچايو جتي لائيٽ ڊاڪٽر ۽ 1122 ايمبولنس نه هجڻ ڪري وارثن اسپتال جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ڳوٺاڻن,حسين سومرو,علي حسن سومرو,سمير سومرو,عنايت سومرو,امام ڏنو جاکرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته آر ايڇ سي دڙو ۾ ظلم جي انتها آهي 17 ڊاڪٽرن جي جڳھ تي رڳو 3 ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪن ٿا باقي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو پگهارون کڻي پنهنجون ڪلينڪ هلائي رهيا آهن.