ديپالپور(م ڊ) پاڪستان آرگنائيزنگ ڪميٽي پاران هارين جي جدوجهد جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ديپالپور ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇھن ڪئنالن خلاف ۽ ڪڻڪ جو اگهه چار هزار روپيه في مڻ مقرر ڪرائڻ لاءِ رکيل جلسو پنجاب جي حڪومت ڪرڻ نه ڏنو. ديپالپور ۾ مقامي انتظام ڪندڙ ڪارڪنن کي انتظاميا هراسان ڪيو. ڪارڪنن کي چيو ويو ته اسٽيڊيم طرف نه اچو. رستا روڪ ڪئي. پنجاب حڪومت جي اھڙي عمل خلاف ديپالپور ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري فاروق طارق، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري امداد قاضي، پاڪستان انقلابي پارٽي جي اڳواڻ صابر حيدر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ عاصم سجاد پريس ڪانفرس ڪندي پنجاب حڪومت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. اڳواڻ چيو ته اسان ڪڻڪ جو اگهه في مڻ چار هزار روپيا مقرر ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهن ڪئنالن خلاف هارين جو جلسو منعقد ڪيو، جنهن کي پنجاب حڪومت مقامي انتظاميا ذريعي ڪرڻ نه ڏنو. جمهوري دور ۾ ۽ آئين هجڻ جي باوجود هارين جو آواز دٻايو پيو وڃي. حڪمرانن جو هي آمراڻو عمل آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اسان وري ديپالپور ۾ هزارين هارين جو جلسو ڪنداسين. اڳواڻن چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙا ڪارا قانون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. حڪمران مقامي هارين کي زمينون ڏيڻ بدران لکين ايڪڙ زمين عرب ملڪن ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏئي رهيا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڇھ نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. اڳواڻ چيو ته حڪمران موسمي تبديلي جي نالي ۾ عالمي ادارن کان فنڊ وٺن ٿا انهن جو حساب ڪتاب ڏنو وڃي ته اھي ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ٿا. اڳواڻ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ۽ ڪڻڪ جي اگهه لاءِ جدوجهد جاري رهندي. پريس ڪانفرس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، پنجاب ڪسان اتحاد عوامي پارٽي جو اڳواڻ ميان شوڪت علي، اين ايس ايف جو اڳواڻ عبدالرشيد شاد، حقوق خلق پارٽي جو اڳواڻ مدبر علي، انجمن مزارعين پنجاب جو اڳواڻ مختيار، مزدور ڪسان پارٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ عرفان علي، ڪامريڊ پرويز عارف، سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، سنڌي شاگرد تحريڪ جو اڳواڻ اياز صالح، وسند ارشي، تحريڪ بيداري جو اڳواڻ ايڊووڪيٽ نعيم اجمل خان، حسين جميل، ميان شوڪت وٽو شامل هئا.