دين محمد وفائيءَ جي لطيف شناسي

0
24
دين محمد وفائيءَ جي لطيف شناسي

دين محمد ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي، 27 رمضان المبارڪ، 1311هه مطابق 14 اپريل 1893ع تي تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ نبي آباد ۾ پيدا ٿيو. غير معمولي ذهانت، سمجهه ۽ هوشياريءَ سبب ننڍپڻ ۾ ئي عربي فارسيءَ ۾ ڀڙٿي ويو. فارسيءَ جو سڄو نصاب ”سڪندر نامه“ ”نظامي“، ”بهار دانش“، ”انشاء فارسي“ ۽ عربيءَ ۾ ”منطق ڪبريٰ“ ۽ ٻيو علم جلدي حاصل ڪيائين کين ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ علم وڌائڻ جو وڏو شوق هو، هر وقت خود کي طالب علم سمجهي علم جي حاصلات لاءِ ڪوشان هوندو هو. مولانا تاج محمد امروٽي، پير رشد الله جهنڊي وارو ۽ مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻين جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين.

مولانا صاحب جي علمي، ادبي ۽ صحافتي زندگيءَ جو سفر صحافت ذريعي 1918ع ۾ ”الڪاشف“ رسالي کان ٿيو. ”الوحيد“، ”آزاد“،۽ ٻيا ڪيترا رسالا سندن قلم هيٺ رهيا. ساڳئي وقت مختلف مذهبي، تاريخي، سياسي، علمي ۽ ادبي ڪتاب پڻ تصنيف ۽ تاليف ڪندا رهيا. ” وفائي“شاعريءَ جو تخلص آهي. سندن شاعري مذهبي هئڻ سان گڏ سماجي براين جي خلاف ۽ قومي جاڳرتا جو سبق ڏيندڙ آهي. مولانا صاحب جو حافظو سٺو هو ته لکڻ جي رفتار انتهائي تکي هئي ڪتابن جو ڳاڻيٽو 60 تائين آهي. جن ۾ ” حيدرِ ڪرار  رضه“، ”خاتونِ جنت“، ”توحيد اسلام“، ”هندو ڌرم ۽ قرباني“، ”مير محمد عربي“، ”سيرت النبي“، ”الهام الباري“، ”لطف الطيف“، ”تذڪره مشاهيرِ سنڌ“، ”الهامِ ڪرامين“، ”مقصدِ زندگي“، ”لاجواب تحرير“، ۽ ٻيا آهن. جن جا موضوع تفسير، حديث، فقه، تاريخ، فلسفو، تصوف ۽ ادب آهن. دين محمد وفائي اهِل قلم، مردِ مجاهد، بي باڪ صحافي ۽ سياست جو ڄاڻو هو. مولانا عبيد الله جي هٿ هيٺ سندس سياسي تربيت ٿي. 1920ع ۾ ”جميعت العلماء“ سنڌ جو ناظم مقرر ٿيو، ان حيثيت سان هُن سنڌ جي عوام کي هڪ نئون عزم عطا ڪيو ۽ انگريز سامراج خلاف جدوجهد لاءِ همٿائيندڙ رهيو. سندس حياتي حقيقي ۽ عملي ڪوششن جو نمونو هئي. جفاڪش، محنتي، هڏڏوکي ۽ انقلابي هئڻ سان گڏ مسلمانن جو ديني ۽ سياسي  رهنما هو ته ادب سان پڻ وڏي دلچسپي هين. مهراڻ ٽه ماهي رسالي سان سندس گهرو ناتو هو، مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هو. سندن رسالو ”توحيد“ پڻ بلند معيار جو علمي، ديني ۽ ادبي رسالو هو. مارچ 1920ع کان ”الوحيد“ اخبار ڪراچيءَ مان جاري ڪيائين. جنهن جو 15 جون 1936ع تي ”سنڌ آزاد نمبر“ مثالي حيثيت رکي ٿو. مولانا صاحب پنهنجي محنتن سان سنڌي صحافت کي نئون موڙ عطا ڪيو سندن لکيل مضمون صحافت جي ميدان ۾ خاص حيثيت رکن ٿا.

تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا جي شاهڪار تصنيف آهي، سنڌ جي مشاهيرن، عالمن ۽ تاريخ ساز شخصيتن جي سوانحي احوال سان سجايل هن ضروري احوال لاءِ دين محمد وفائيءَ ڪيترائي ڪتب خانا ڀيٽيا، تقريبن هر ڳوٺ هر شهر سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي هن ڪتاب ۾ آندو اٿن. غلام محمد گرامي هن ڪتاب تي رايو ڏيندي لکيو آهي ته،  ”مولانا مرحوم سنڌ جي مشاهيرن جي تاريخ ۽ ڪارنامن جو حافظ هو، سندس دماغ سنڌ جي بزرگن ۽ مشاهيرن جي ڪارنامن لاءِ گويا زنده ڪتب خانن جو ڪم ڏيندو هو“. مولانا صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيترن اهم ماڻهن جون سوانح ڏنيون آهن. لکيو اٿن ته، ”هن سلسلي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ سنڌ جي بزرگن جون حياتيون قلمبند ڪري چڪو آهيان ۽ اٽڪل پنج سئو بزرگن جون سوانح عمريون ذهن ۾ موجود آهن. جن جي جمع ڪرڻ جو ڪم آهسته آهسته جاري آهي“. وفائي صاحب کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان اُنسيت هئي پنهنجي ٻن لطيفي ڪتابن  ”لطف الطيف“ ۽ ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ ۾ شاهه جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪئي اٿن. مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

وفاقي صاحب ڪتاب جي آخر ۾ هيءُ بيت ڏنو آهي،

ڌڻيءَ جو لطف ٿيو، مٿي هن نحيف،

پڄاڻيءَ تي پهتو، هي لطف الطيف.

هن ڪتاب لاءِ وفائي صاحب مطالعي هيٺ کانئن اڳ وارا لکيل ڪتاب خاص طور ”لَطائفِ لطيفي“  مير عبدالحسين سانگي ۽ ”احوال شاهه عبدالطيف“ قليچ مطالعي هيٺ آندا جنهن ڪري هن ڪتاب ۾ روايتن جو ذڪر تقريباً ساڳئي انداز سان آهي، ان ڪري لطف الطيف کي لطيف سرڪار بابت رائج روايتن جو ڪتاب به سڏي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ شاهه لطيف جي سير ۽ سفر جو ذڪر خاص طور هنگلاج ۽ لاهوت جو ملي ٿو، سندن لکڻ ۾ عقيدت ۽ ٻوليءَ جو استعمال وڻندڙ آهي، لکي ٿو ته،

“شاهه صاحب ظاهري مرشدن واري ٺاهه ٺٺ کان نفرت ڪندڙ هو. نفس کي مارڻ، سيني کي سنوارڻ، ڪيني ۽ ڪروڌ کي ٻهارڻ، ياد الاهي ۾ گذارڻ، سندس زندگيءَ جو هڪ پڌرو نمونو هو. پنهنجو پاڻ وڃائڻ ٿوري تي راضي رهڻ، دنيا ئي لذتن کان پاسو ڪرڻ، نيستيءَ کي نعمت ڄاڻڻ ئي سندس مول متو هو.“ (صه 125)

آخر ۾ ليکڪ ”شاهه جو ڪلام“ جي عنوان سان مضمون ۾ شاهه جي شارحن ۽ ڇپيل (ان وقت تائين) جي رسالن تي لکيو آهي، لطيف سرڪار جي فن بابت سندن هيٺيان جملا اهم آهن.

“شاهه صاحب جو ڪلام هڪ عارفانه ۽ صوفيانه ڪلام آهي، هن جي تازگي سدائين هڪجهڙي هوندي… جڏهن کان شاهه صاحب جو اُٿاهه ڪلام سنڌ جي سر زمين تي پکڙجڻ لڳو، تڏهن ڄڻ ته تارن ۾ سج اڀري آيو، ٻيو سمورو سنڌي ڪلام لٽجي ۽ ڍڪجي ويو. شاهه صاحب ئي هر مجلس ۾ پيش ٿيڻ لڳو، وڏن وڏن سنڌي بزرگن جي ملفوظات ۽ تصوف جي تصنيفات ۾ ڏٺو ويندو ته پنهنجي قول کي قوي ڪرڻ لاءِ شاهه جي شعر کي دليل ۾ آڻيندا رهن ٿا“ (ص 140)

شاهه جي رسالي جو مطالعو: 190 صفحن جو ڪتاب 1962ع ۾ وفائي پبلشنگ هائوس شايع ڪيو ان کانپوءِ 1976ع، 1991ع ۽ 2012ع ۾ آخري ڇاپو ثقافت کاتي پاران ڇپيو. 141 صفحن جي  هن ڪتاب جا ٻه اکر علي نواز وفائيءَ لکيا آهن. ڪتاب ۾ ڪل ست فصل آهن ۽ آخر ۾ مولانا بابت عالمن ۽ اديبن جا رايا آهن، ستن فصلن ۾ ” شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ جي انقلابي حالت“،” شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ وارن جي رهڻي ڪهڻي ۽ گذراني حالت“، ”سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي“، ”سنڌ جا پکي“، ”سنڌ جا ڪي ٻيا جانور“، ”شاهه جو ڪلام ڪيئن گڏ ڪيو ويو“، ”رسالي ۾ ڌاريو ڪلام “ آهن.

هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جو دور ۽ ان وقت جون تاريخي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون بيان ڪيل آهن ته رسالي جي ڪيترن بيتن جي مثالن سان انهن پکين ۽ جانورن جو ذڪر آندو ويو آهي، جيڪي لطيف سرڪار شاعريءَ ۾ ڄاڻايا آهن. وفائي صاحب لکي ٿو، ” سنڌ جي سچي عاشق حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سنڌ جي هر هڪ نظاري ۽ ڏيک کي پنهنجي سامهون رکندي انهن مان معرفت جون جيڪي مامون معلومات ڪري وري سنڌ وارن کي تعليم ڏني آهي تنهن کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي ٿي“ (ص 87)

پنهنجي وقت جي لحاظ کان هيءُ هڪ معلوماتي ڪتاب آهي، خاص طور سنڌ جي حالتن، جانورن ۽ پکين بابت نئون احوال آهي. وفائي صاحب جو لکيل نثر ڇنڊيل ڇڙيل، صاف  ۽ عام فهم هئڻ ڪري سندن ڪتابن مقبوليت حاصل ڪئي، مولانا دين محمد وفائي 57 سالن ۾ 10 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي.