ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ ڇو ضروري آهي؟

0
69

27 اپريل 2021ع تي انجنيئر اوڀايو خشڪ هڪ مضمون لکيو جنهن جو عنوان هو “پاڻي کوٽ ۽ ڀاشا ڊيم”. انهي جي پڇاڙي ۾ لکيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ لٽ ڀرجڻ ڪري پيدا ٿيندڙ کوٽ پاڪسان جي بنيادن کي 1991ع واري ٺاهه مطابق ورهائي وڃي. سنڌ ۾ ايندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا سائنسي بنيادن تي منصوبا بندي ڪرڻ گهرجي، جيئن مضمون ۾ اهو ته ٻڌايو ويو آهي ته انهي کوٽ لاءِ سائنسي بنيادن تي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي پر اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اها کوٽ ڪيئن گهٽ ٿي سگهندي؟ اچو ته انهيءَ جو تفصيلي جائزو وٺون.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي؟
ڊيم ٺهڻ کانپوءِ ڇا جي ڪري ته درياهه ۾ روڪ آهي. ڊيم يڪدم شروع ٿين ٿا. هر ڪنهن ڊيم جو پنهنجو طريقو آهي، ڪي هوريان ٿا لٽجن ۽ ڪي تڪڙا ٿا لٽجن. ڪن ۾ تمام گهڻي لٽ اچي ٿي، ڪن ۾ تمام ٿوري لٽ گڏ ٿئي ٿي. منگلاڊيم جي ڀيٽ ۾ تربيلا ڊيم ۾ وڌيڪ لٽ اچي ٿي، تنهن ڪري اهو تمام گهڻو لٽجي ٿو، پر درياهه مان لٽ ڪڍڻ سولو ڪم ناهي. ٻنهي پاسي اوچا جبل آهن جن جي اوچائي چار سئو فٽ کن آهي، وري ٻيو مسئلو آهي اها لٽ ڪٿي اڇلائجي؟ جبلن مٿان لٽ ڪڍي اڇلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻنهي پاسي اوچا جبل آهن وري انهي تي وڏو خرچ اچي ٿو، جيڪو واپڊا ۽ وفاقي حڪومت کي برداشت ڪرڻو آهي. ڪجهه سال اڳ درياهه مان لٽ ڪڍڻ لاءِ هڪ وفاقي اداري کي ڪم ڏنو ويو، پر انهيءَ به ڪيترائي ٻيا منصوبا ڏنا پر لٽ نه ڪڍي سگهيو. پڇاڙي ۾ واپڊا وارن فيصلو ڪيو ته تربيلا ڊيم مان لٽ ڪڍڻ ناممڪن آهي ۽ واپڊا وارن انهي تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو، جو ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ ڏکيو ڪم هو. انهيءَ بدران درياهه مان لٽ ڪڍڻ جا ٻيا طريقا ٿي سگهن ٿا. انهن ۾ پهريون آهي ته برانچن ۽ ننڍين شاخن کي پڪو ڪجي، پر انهيءَ ۾ به 50 کان 60 سال لڳي ويندا ۽ اهو سڄو سنڌ حڪومت کي ڪرڻو پوندو. ٻيو طريقو آهي واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ. اهو به سولو ڪم ناهي. ٻيو ته انهيءَ تي سڄو خرچ صوبن کي ڪرڻو پوندو. ٽيون طريقو آهي زمين کي هموار ڪجي ۽ پوءِ آبادي ڪجي ۽ انهيءَ ۾ ڊرپ ۽ اسپرنڪل وارا پاڻي ڏيڻ جا طريقا استعمال ڪجن. ڪنهن زماني ۾ جڏهن سنڌ جي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري هئس ته مون کي شوق ٿيو ته تربيلا جو ڊيلٽا ڏسان. پهرئين سال مان لانچ تي ويس پر ڊيلٽا ويجهو لانچ ٻڏڻ لڳي. مان ٻئي سال هوور ڪرافٽ ۾ چڙهيس ۽ وڃي ڊيلٽا تي پهتس. ڏٺم ته ڊيلٽا ٻنهي پاسي پکڙيل هو ۽ درياهه ٻنهي پاسي وهي رهيو هو. مان ڏٺو ته ڊيلٽا 60، 70 ميل مٿي هليو ويو ۽ اتان مٽي ڪڍڻ ايترن ميلن تائين ڏکي هئي. تنهن ڪري اسان تربيلا ڊيم مان لٽ ڪڍڻ جو خيال ڇڏي ڏنو. اهوئي سبب آهي ته درياهه مان لٽ ڪڍڻ ڏکيو ڪم هو. مٿي مان ٻڌائي آيو آهيان ته ٻين طريقن سان به سنڌو درياهه مان پاڻي جي لٽ کي گهٽائي سگهجي ٿو، جيئن ننڍين شاخن کي پڪو ڪرڻ، واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ ۽ زمين کي ليول ڪري انهيءَ تي ڊرپ ۽ اسپرنڪل جا طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. پر اهي سڀئي ڪم ڏکيا آهن.
پوءِ ڇا ڪجي؟
ٻيو رڳو هڪڙو آپشن (مبتادل) رهجي ويو، اهو آهي ته اسان تربيلا ڊيم کان مٿي ڀاشا ڊيم ٺاهيون. هڪڙو فائدو ٿيندو ته سڄو خرچ وفاقي حڪومت ڀريندي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مند مهل درياهه ۾ پاڻي وڌي ويندو. ذخيرو ٿيل پاڻي پوک لاءِ ڪم ايندو ۽ ڊيم ٺهڻ ڪري تربيلا ۾ لٽ گهٽ ايندي ۽ اها لٽ ڀاشا کان مٿي رڪجي ويندي. سو نه رڳو پاڻي پورو ٿيندو بلڪه لٽ به رڪجي ويندي. سوال ٿو اڀري ته ڇا ڀاشا ڊيم هر سال ڀري سگهبو؟ تربيلا ڊيم جنهن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ آهي اهو ٻن سالن کان علاوه هر سال ڀريو ويو آهي. ڀاشا ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش رڳو 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منهنجي خيال ۾ اهو به هر سال ڀرجي ويندو. ٻيو اهو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ڀاشا ڊيم مان هر سال پاڻي ملندو ۽ اها اتي گڏ ڪيل صلاحت هر سال 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ گڏ ٿي سگهندي ۽ انهيءَ مان هر سال تربيلا ڊيم کي پاڻي ملندو رهندو جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان ٻنهي صوبن کي پاڻي ڏئي سگهندو. وري جيستائين سنڌو درياهه مان لٽ ٿيڻ جو مسئلو آهي اهو ٿيندو رهندو. درياهه ۾ لٽ ايندو رهندو.
منهنجي خيال ۾ سنڌو درياهه مان بلوچستان ۽ سنڌ کي هر سال پاڻي ملندو رهندو ۽ درياهه ۾ لٽ به ايندو رهندو. منهنجي خيال ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ اسان کي ڪوئي آپشن ناهي ۽ اسان کي انهي تي ڪم جاري رکڻ کپي.