دوڙ(ن پ ا) وڙ ۾ هڙتال ۽ احتجاج دوران مهراڻ هاءِ وي تي ٽريفڪ کي روڪڻ تان ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنهن دوران پوليس ٽن ڪارڪنن ڪاشف ملڪ، غفار خاصخيلي ۽ الهداد مري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، اهڙي عمل خلاف جسقم جي تعلقي صدر بادل بروهي، محبوب خاصخيلي، رحيم سنڌي، سلمان وساڻ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن، شهرين ۽ وڪيلن دوڙ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري ٿاڻي سامهون 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن کانپوءِ دوڙ پوليس مجبور ٿي گوڏا کوڙي گرفتار ڪيل جسقم جي 3 ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن کي ٿاڻي کان هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.