دوڙ (ن پ ا) پڊعيدن واسي جساف اڳواڻ بشير شر کي ڪراچي ويندي دوڙ مهراڻ هاءِ وي تي دوڙ پوليس وين مان لاهي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع ملڻ بعد فوري طور تي جسقم جا ڪيترا ئي ڪارڪن دوڙ ٿاڻي تي پهچي بشير شر کي آزاد ڪرايو، بشير شر ٻڌايو ته پڊعيدن کان ڪراچي وڃي رهيو هئس ته پوليس وين مان لاهي ٿاڻي تي منتقل ڪيو، ڪارڪنن جي پهچڻ تي پوليس ڇڏي ڏنو.