دوڙ(ن پ ا) دوڙ ڀرسان ٻٽا واٽر اسٽاپ تي آبادگارن آبپاشي عملي جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري جمال شاھه روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان موقعي تي تي سڪندر زرداري، دلدار علي، علي بخش گورچاڻي، منور ۽ ٻين چيو ته ايريگيشن انجنيئر ذوالفقار کوسو ۽ ايس ڊي او شوڪت ميمڻ هر هفتي اسان جو پاڻي بند ڪري آبادگارن کان لکين رپيا رشوت طلب ڪري رهيا آهن، هنن الزام هنيو ته رشوت نه ڏيڻ تي هر هفتي اسان جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته پاڻي بند هئڻ ڪري اسان جا فصل سڪي تباھه ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو .وڃي.