دوڙ(ن پ ا) دوڙ ڀرسان ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان چيپاٽجي فوت، تفصيل موجب دوڙ ڀرسان در محمد ڦاٽڪ ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار آئل ٽينڪر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ياسين بروھي ٽينڪر ھيٺان اچي چيپاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو ٻئي ٽنگون ڪٽجڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.