دوڙ (ن پ ا) دوڙ ڀرسان جيمس شاخ کي 40 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ محمد صفر ڏاهري سميت سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن ديدار ڏاهري، منظور ڏاهري ۽ ٻين ايريگيشن عملي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته جيمس شاخ کي گذريل رات جو دير سان گهارو لڳو، بروقت ئي ايريگيشن عملي کي اطلاع ڏنو پر ڪير به لڙي نه آيو، جنهن سبب گهارو وڌي 40 فوٽ ٿي ويو، جنهن ۾ ڳوٺ محمد صفر ڏاهري پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي ناڙي ٿيل ڦٽين جو فصل رباهه ٿي ويو، هنن اختيارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.