دوڙ (رپورٽ: بابر وساڻ) دوڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب سمورو ڳوٺ سڙي رک، 30 ڳوٺاڻن جا اجها رک جو ڍير بڻجي ويا، رهواسي صرف جانيون بچائي نڪري سگهيا، ڪروڙن جو نقصان،تفصيل موجب ڳوٺ مٺو خان کوسو ۾ هڪ گهر کي باهه لڳي وئي، تيز هوا هلڻ ڪري باھه سڄي ڳوٺ کي ونهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻا صرف پنهنجون ۽ معصوم ٻارڙن جون جانيون بچائي نڪري سگهيا، پنج ڪلاڪ گذرڻ باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو ، جنهن ڪري 30 ڳوٺاڻن جا گهر سامان سميت سڙي رک ٿي ويا، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي متاثرن چيو ته باھ لڳڻ سبب عالم، پناهه، عبدالرحيم، علي بخش، واحد، فدا حسين، صدام حسين، عطا حسين، نديم علي، شير علي، خان علي، سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا آهن، هنن ٻڌايو ته باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ، کٽون، بسترا، سون، پيتيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، جڏهن ته چوپايو مال ۽ ڪڪڙيون پڻ سڙي مري ويون، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي، ھوڏانھن اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ محمد ذاڪر ڪاڪڙ ۽ يوسي چيئرمين علي حسن لنڊ واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن کي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.