دوڙ (رپورٽ: بابر وساڻ) دوڙ شهر جي ھائوسنگ سوسائٽي جو رھواسي 18 سالا نوجوان مدثر علي ولد مطلوب وڳڻ رات جو 8 بجي پرسرار نموني گم ٿي ويو وارثن موجب نوجوان جو اچانڪ موبائيل فون بند ٿي ويو مسلسل ڳولا بابت ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو، صبح جو آصف بنگلوز ۾ نوجوان جو ڇرين سان وار ڪيل لاش هٿ آيو، اهڙو اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس ۽ وارثن واقعي واري هنڌ پهچي تصديق ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪپي قتل ڪيو آهي، اطلاع ملڻ تي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، والدين گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، نوجوان جي مامي پيپلزپارٽي يوٿ ونگ سٽي دوڙ جو صدر نويد وڳڻ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو ڀاڻج رات جو گھران نڪتو پوءِ رات جو اٺين وڳي کانپوءِ سندس فون بند ٿي ويو، اسان سڄي شھر ۾ مقتول جي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به ھٿ نه آيو، اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناهي، منھنجي ڀاڻج کي تيز ڌار ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد سميت وس وارن ادارن کان مطالبو آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏھن ته لاش دوڙ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال ۾ موجود ڊي ايس پي دوڙ حبيب الرحمان لاشاري ۽ ايس ايچ او دوڙ رشيد ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، اطلاع ملندي اسان واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي، جڏهن ته مختلف رخن کان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، هوڏانهن نوجوان جي جنازي نماز دوڙ شهر جي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ ٿي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي مذهبي قومپرستن شهرين استادن صحافين وڳڻ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوجوان جو مڙهه اکين سان ڳوٺ نياز حسين وڳڻ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.