دوڙ (ن پ ا) دوڙ ڀرسان ڳوٺ لياري گرلز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ ڪري شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن اسڪول ۾ ٻيون سهولتون به نه هئڻ سبب اسڪول مسئلن جي ور چڙهيل آهي ان سلسلي ۾ اسڪول جي استادن شاگردن والدين سعيد احمد بلوچ، ايس ٽي پي اڳواڻ علي بخش لغاري ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سوين شاگرد هن جديد دور ۾ به پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ان کان علاوه پاڻي لوئر اسٽاف نه هجڻ سميت ٻيون بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري شاگرد ۽ استاد سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ ڏئي رهيا آهن اعلي عملدارن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود 14 سالن کان وٺي هن اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ناهي ٿي سگهي جيڪا حڪومتي ڌر ۽ تعليم کاتي جي نااهلي آهي ھنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ فرنيچر پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري شاگردن استادن والدين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.