دوڙ (ن پ ا) دوڙ ڀرسان لياري اسٽاپ وٽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ٿيل جھيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان ڪريم بخش نوابشاهه اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش دوڙ اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آھي، مقتول جي وارثن لاش مهراڻ هاءِ وي تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنوي، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، اسان جا ٻه ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ پنج کان وڌيڪ زخمي آهن، پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن  ڊي ايس پي دوڙ ڌرڻي واري هنڌ پھچي وارثن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، ياد رهي ته 6 ڏينهن اڳ لياري اسٽاپ تي لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو محراب لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته ڪريم بخش زخمي ٿي پيو هو جيڪو ڪالهه فوت ٿي ويو.