ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) دنيا ۾ طلاق جي شرح ۾ اضافي جو سبب سائنسدانن زبان تي ڪنٽرول نه ڪرڻ کي قرار ڏنو آهي، پر هڪ غير متوقع عنصر به ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندوآهي. جرنل سوشل اينڊ پرسنل ريليشن شپس ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جوڙا دولت گھڻو ڌيان ڏيڻ ڪندا آهن، هو مالي معاملن ۾هڪ ئي سان گهڻو نه ڳالهائيندا آهن، جنهن جي ڪري انهن جي پاڻ ۾ رشتي تي اعتبار گهٽجي ويندو آهي. هونءَ ته اها ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي پر تحقيق ۾ پتو پيو ته ايئن ان ڪري ناهي ٿيندو ته اهي ڪيترا امير آهن پر انهن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اهي دولت جي باري ۾ ڇا سوچيندا آهن. محققن موجب دولت اهڙو اهم عنصر آهي جنهن سان رشتا ڳنڍي يا ٽوڙي سگهجن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن جوڙا يقين رکن ٿا ته دولت خوشي لاءِ اهم آهي ته انهن جي ذهنيت به ماده پرست ٿي ويندي آهي، جڏهن اهي مڃي ٿا وٺن ته گھڻي دولت جو مطلب گھڻي خوشي آهي ته اهي هڪ ٻئي سان مالي معاملن تي گهڻو وڙهندا آهن. هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا گهٽ آهن ۽ شادي جي رشتي مان مطمئن نه هوندا آهن. محققن موجب جڏهن زال مڙس ٻنهي جا دولت جي باري ۾ خيال مختلف هجن ته انهن وچ ۾ لاڳيتو ڇڪتاڻ رهندي آهي ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ به گهٽ ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته جيڪڏهن دولت جي باري ۾ جوڙن جا خيال ملندڙ جلندڙ هجن ته اهي هڪ ٻئي سان گهڻو ڳالهائيندا آهن ۽ پنهنجي تعلق مان مطمئن رهندا آهن. هن چيو ته توهان ان ڳالهه تي ڌيان ڏيو ته ڪيتري دولت ڪافي آهي، پر هڪ ٻئي جي خيالن تي ڳالهايو.