دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ۾ پوليس پاران مبينا گرفتار ڪري گم ڪيل علي آباد واسي نوجوان دانيال ڪاڪيپوٽو جي آزاديءَ لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھنيو، مظاھرين چيو ته دانيال ڪاڪيپوٽ کي وليس بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪي ڇڏيو آهي، هنن نوجوان آزادي جي گهر ڪئي، بعد ۾ ڊي ايس پي قاضي احمد ۽ ايس ايچ او پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، جڏهته پوليس ٿاڻي تي پهچي ھڪ ڪلاڪ بعد دانيال کي آزاد ڪري سندس آزادي لاءِ ڌرڻو ھڻندڙ 14 ڄڻن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ٽرالر کي پيٽرول ھاري باھ ڏيڻ جو سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ دانيال، گلبھار، اسلم، خادم حسين، امير راھو، نظام حسين، رياض ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو آهي.