دولت پور صفن(ن پ ا) دولت پور صفن ۾ پرائيويٽ نجي بينڪ جي پراڻي بلڊنگ ڊاھي نئين سر مارڪيٽ جي اڏاوت ڪندڙ مالڪ اڳوڻي ايم پي اي سيٺ عاصم ڪبير خانزاده خلاف دولتپور صفن جي وڏي انگ ۾ شھرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو آهي، مظاھري جي اڳواڻي ڊاڪٽر زاھد حسين آرائين، پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي دولت پور جي صدر، ممتاز ڀٽو، سليم سولنگي، سيد سليم شاهه، حاجي اصغر عباسي، عبدالحميد خان عباسي، شبير انجم عباسي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شھر جو بلڊر عاصم ڪبير خانزاده دولت پور جي شھرين سان وڏي ناانصافي ڪري رھيو آھي، ھن چيو ت ھو پنھنجي پراڻي اڏاوت واري نشان بجاءِ چار پنج فوٽ جي ايراضي وڌيڪ وڌائي ان تي اڏاوت ڪري رھيو آھي جنھن سان ھيء گھٽي بند ٿي ويندي ھنن وڌيڪ چيو ته دولت پور صفن شھر جي ھيء اھا مين گھٽي آھي، جنھن مان سمورو شھر اچ وڃ ڪري ٿو ۽ شھر جي مشھور قبرستان سيد امين شاهه طرف ھن گھٽي مان جنازه پڻ کڻي ويندا آهيون، ھنن چيو ت اسان جائز ڳالهه ڪئي ت بلڊر عاصم ڪبير خانزاده اسان مٿان ڏمرجي پيو آھي ۽ شھري کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، آخر ۾ ھنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته بلڊنگ ساڳي پراڻي دنگ ۽ نشان تي ٺاھي وڃي. ھوڏانھن الزام هيٺ آيل بلڊر عاصم ڪبير خانزاده رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته منهنجي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن جي ڳالهين ۾ ڪابه صداقت ناهي اصل معاملو صرف 6 انچ جو آھي، ھن جو چوڻ آهي چوھدري اسلم آرائين ۽ زاھد آرائين مون کي بليڪ ميل ڪري رھيا آھن، اصل مون بلڊنگ خريد ڪئي آھي ، اصل حقيقتون سامهون نه پيا ظاهر ڪن  ھن وڌيڪ چيو ته مون وٽ پنھنجي خريد ڪيل بلڊنگ پراپرٽي جا مڪمل ڪاغدات موجود آهن، ھي بلڊنگ تمام گھڻي پراڻي قديمي واڻين جي دؤر جي آھي ان جي اڏاوت ب مان ان حساب ڪتاب سان ڪري رھيو آھيان، رھي ڳالهه شھرين  جي احتجاج جي ت مون سان ڳالهين ۾ ويھن جتي ڳالهيون ڪن مان حاضر آهيان ھن وڌيڪ چيو ته مان قانوني ماڻهون آھيان ڪڏهن به شھرين سان ناانصافي نه ڪندس.