دولتپور(ن پ ا) آل سنڌ آئل ٽئنڪر ايسوسيئيشن  پاران آئل ڊپو دولتپور انتظاميا جي ناانصافين، من پسند گاڏين کي پيٽرول ڊيزل ڏيڻ خلاف آئل ٽئنڪر گاڏيون بيھاري ڊپو جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مير شمس شھواڻي، عبدالجبار سوھو ۽ ٻين چيو تہ آئل ڊپو ۾ 30 سالن کان ملازمت ڪري رھيا آھيون پر ھن وقت تائين اسان جي ڊرائيورن جا جائز مطالبا قبول ناھن ڪيا ويا ۽ حق بہ ناھن ڏنا ويا، ھنن الزام هڻندي چيو تہ ڊپو انچارج تيل جي ماپ تور ۾ پڻ ھيرا ڦيري ڪري ٿو،اسان جا ڊرائيور گذريل ھڪ مھيني کان بي روزگار ويٺا آھن، پر انتظاميا کي ڪا ڪھل ناھي ۽ مرضي جي گاڏي کي تيل ڏنو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻي طرف انتظاميا ۽ مظاهرين ۾ ڳالهين بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.