دولتپور صفن(ن پ ا) دولتپور صفن لڳ ڳوٺ محمد عرس اوٺو ۾ بجليءَ جي تارن مان باھه لڳڻ سبب 3 ڳوٺاڻن لال بخش اوٺو، بنو اوٺو، ڪمال اوٺو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثر ڳوٺاڻن چيو ته مزدوري تي ويل هئاسين ته بجليءَ جي تارن مان گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان ۽ ھڪ ڀلي نسل جي ٻڪري سڙي مري وئي، هنن ٻڌايو ته اطلاع باجود فائر برگيڊ نه پھتي، جنهن ڪري ٽئي گھر سڙي رک ٿي ويا، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.