دولتپورصفن(ن پ ا) دولتپورصفن پوليس جو انوکو ڪارنامو، پنج سال اڳ فوت ٿيل ڳوٺاڻي تي زمين تي قبضي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، خبر موجب دولتپورصفن ٿاڻي تي 30-04-2025 تي ايف آءِ آر نمبر 57/2025 اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ پٺاڻ جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته اسان سپاهين ڪاشف علي، بهرام خان، راھب علي سولنگي وردي ۾ سرڪاري هٿيارن سان ڊرائيور راشد علي سميت گشت ڪري رهيا هياسين ته اطلاع مليو ته پوليس پڪٽ ڪنداهه کي الاٽ ٿيل ڪچي واري سرڪاري زمين تي ڪجھه هٿياربند قبضو ڪري ويٺا آهن، بچاءَ بند تي پهتاسين ته ڏسي سڃاتوسين ته علي رضا ڏاهري، امام الدين اوٺو، فدا حسين اوٺو، غلام حسين اوٺو، علي نواز اوٺو، علي مراد اوٺو، محمد رفيق جٽ، عزيز الله اوٺو، محمد عمر بگو ۽ سومر اوٺو زمين تي قبضو ڪري ويٺل ھئا، ڪيس ۾ نامزد سومر اوٺو پنج سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي، پوليس جي اهڙي ڪارنامي تي پنج سال اڳ فوت ٿي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.