دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپور صفن ڀرسان ڳوٺ بڊو ڏاهري ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڏاهري ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 40 ورهين جو نوجوان ذوالفقار ڏاهري قتل ٿي ويو، جڏهن ته محمد رفیق ڏاھري، سرور ڏاھري، غلام مصطفا،سجاد ڏاهري، گلاب ڏاهري،احمد ڏاهري،ڪرم حسين ڏاھري، نوجوان رستم ڀٽو، عاشق علي ڀٽو، محمد علي ڀٽو ۽ شاهد ڀٽو سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف ايس ايچ او دولتپور گلزار مري موجب ته زمين جي پراڻي معامري تان جهيڙو ٿيو آهي، جلد ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.