دولتپور صفن(ن پ ا)دولتپور صفن جي گرلز ڪاليج ۽ بوائز ڪاليج ۾ ٽيچنگ اسٽاف جي کوٽ خلاف علي آباد واسي فقير غلام رسول راھو ، علي شير ڪاڪيپوٽو ، واجد علي راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دولتپور صفن جي گرلز ڪاليج ۾ دولتپور صفن سميت آس پاس جي رھواسين ۽ اسان جون نياڻيون پڙھن ٿيون جتي 500 کان مٿي شاگردياڻين جي داخلا آھي پر ليڊي ٽيچر ھڪ به نه ھئڻ سبب حاضري صرف 30 کان 40 شاگردياڻين جي آھي ليڊي ٽيچر نه ھئڻ سبب شاگردياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آھي جڏھن ته دولتپور صفن بوائز ڪاليج ۾ 1200 کان وڌيڪ شاگردن جي داخلا آھي پر ٽيچنگ اسٽاف پورو نه ھئڻ سبب شاگردن کي مڪمل سبجيڪٽ نه پيا پڙھايا وڃن، ھنن چيو ته ڪنھن به قوم يا قبيلي کان تعليم کسي وڃي ته اھا قوم ۽ قبيلو پاڻ مراد اونداهي ڏانھن ڌڪجي ويندو، اسان جي شاگردن ۽ شاگردن جي مستقبل کي اونداهو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ دولتپور صفن جي ٻنھي ڪاليجن ۾ ٽيچنگ اسٽاف ڏئي، اسان جي بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو رخ ضلعي شھيد بينظير آباد جي پريس ڪلب کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب تي مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال قائم ڪئي ويندي.