دولتپورصفن (ن پ ا) پاڪستان آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن جي مرڪزي سڏ تي ، پي ايس او ۽ اوگرا جي زيادتين خلاف دولتپور پي ايس او ڊيپو جي سامھون آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر عبدالجبار سوھو ، محمد عيسي ڏاھري ، شمن علي ڏاھري ، گلزار ڏاھري ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  اوگرا ۽ پي ايس او انتظاميه اسان سان ناجائزيون ڪري رھي آھي، مجبور ٿي اسان ھڙتال ڪري سپلاءِ  مڪمل بند ڪري ڇڏي آهي.