دولتپورصفن (ن پ ا) گرلز ڪاليج دولتپورصفن ۾ فيميل ليڪچرار مقرر نه ٿيڻ ۽ بوائز ڪاليج ۾ ليڪچرارن جي کوٽ خلاف جي ڊبليو سي جي ڊويزنل شهيد بينظيرآباد جي آرگنائيزر ولي محمد جوکيو، سميت سياسي سماجي اڳواڻن نذير ڏاهري ، اياز پيرزاده ، مٺل جسڪاڻي ، شريف انڙ ، نياز انڙ ، امجد حيات خانزاده ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ورهين کان گرلز ڪاليج ۾ فيميل ليڪچرارز ناهن، جنهن سبب شاگردياڻين جي تعليم متاثر پئي ٿئي، مامري جو نوٽيس ورتو وڃي.