دولتپورصفن (ن پ ا) گذريل ڏينهن دولتپورصفن لڳ ڳوٺ بڊو ڏاهري ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڀٽا  ۽ ڏاھري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب قتل ٿيل نوجوان 30 ورهين جي ذوالفقار علي ڏاهري جي ڪيس ۾ پ پ جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري، سندس ڀاءُ علي رضا ڏاهري، ڀائٽي محمد سليمان ڏاهري ۽ 10 ٻين ماڻهن سميت 13 جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن،ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري طرفان بڇ ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته اڍائي سال اڳ به ٿيل جهيڙي ۾ ڏاهري برادري جو نوجوان وجاهت علي ڏاهري قتل ٿيو هو،جنهن جو ڪيس به دولتپورصفن ٿاڻي تي پ پ جي 3 اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ٻين تي داخل ڪيو ويو هو.ٻي طرف ايس ايس پي شھيد بينظير آباد حيدر رضا جي حڪم تي پوليس  ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻيندي وڌيڪ جهيڙي يا خونريزي کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پڪٽ قائم ڪري ورتي آهي ،هوڏانهن  ڪيس ۾ نامزد پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري چيو ته   مان گذريل هفتي کان وٺي ڪراچي هئس ۽ هن وقت ڪراچي کان دولتپورصفن پهتو آهيان، ڀٽا  ۽ ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو ٻن سالن کان هلندڙ تڪرار آهي، جهيڙي جي مونکي ڪابہ خبر ناهي. منهنجو جھيڙي سان ڪو به واسطو ناهي،   مون تي مقتول جي وارثن طرفان ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن.ياد رهي ته   قتل ٿيل ذوالفقار ڏاهري جي والد عبدالمجيد ڏاهري جي فرياد تي محمد اسماعيل ڏاهري ، سندس ڀاءُ احمد علي رضا ڏاهري ۽ سندن ڀائٽو محمد سليمان ڏاهري سميت 13 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.