دوست ڏانھن خط … “ڪتاب ته زندگي آھن”

0
66
دوست ڏانھن خط ... “ڪتاب ته زندگي آھن”

اي منھنجا دوست!

 اميد ٿي ڪريان تہ، خيريت سان ھوندين. منھنجي دعا آھي تہ شال دنيا جي رنگينين مان لطف اندوز ٿيندو رھين. خيال انساني زندگيءَ ۾ تمام گھڻي اھميت رکن ٿا. اھي خيال ئي ته آھن، جيڪي انسان جي زندگي ۾  انسان جي سوچن ۾ اٿل پٿل آڻي کيس بيچين ڪري ڪجھ وڌيڪ ڪرڻ جو اتساھ بخشين ٿا. مونسان به ڪجھ ائين ٿيو آهي. منھنجي اندر جي لڇ پڇ مونکي پنھنجي ڪمفرٽ زون مان ٻاھر ڪڍي لکڻ تي مجبور ڪيو آهي.

                 توسان اندر جي حال اورڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آھي، اڄ ان کي اڳتي وڌائيندي ھي خط توکي لکي رھي آھيان. منھنجا اھي خط سانڍي رکجانءِ ڇو ته آئون فاني آھيان ۽ منھنجون لکڻيون لافاني آھن. تون سراسر بقا آھين، توکي باقي رھڻو آهي. ڇو ته تون امر آهين. مونکي خبر آهي تہ آئون فاني آهيان پر منھنجي خواھش آھي تہ منھنجون لکڻيون باقي ھجن. منھنجا خيال زندھ رھن. مان نہ سھي پر منھنجا خيال ھميشہ توسان گڏ ھوندا. منھنجو روح توسان صدين تائين عدم ۾ سفر ڪندو رھندو. مان ۽ تون ھم خيال آهيون. مونکي تو ۾ پنھنجي ھر سوال جو جواب نظر اچي ٿو ۽ يقينن تنھنجي ھر سوال جو جواب بہ مون وٽ موجود آهي.

اي منھنجا دوست!

منھنجي دل ۾ خيالن جي حڪومت آهي. خيالن جي حڪمراني جو بار مان پنن تي لاھي پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪندي آھيان. ڪتاب ۽ نوٽ بڪ منھنجو ڪل سرمايو آهن. ڪتابن مونکي ان وقت ڀاڪرن ۾ ڀريو ھو، جڏھن آئون صفا ويڳاڻي ۽ مايوس ھئس. آئون پنھنجو وجود وڃائڻ واري ھئس. جسم دردن کان چُور ٿي چڪو ھو. روح رھڙجي رتو رت ٿي چڪو ھو. منھنجو ذھن مائوف ٿي چڪو ھو. منھنجي اندر ۾ جيڪي سوال اٿن پيا انھن جو جواب ڏيڻ وارو ڪير به نه ھو. تڏھن اھي ڪتاب ئي ھئا جن منھنجي اندر اٿندڙ طوفانن ۽ سونامين کي بند ٻڌڻ شروع ڪيو. مان پنھنجي منتشر خيالن کي سميٽڻ شروع ڪيو ھو.

اي منھنجا دوست!

اھو وقت  مونکي چٽي طرح ياد آھي ته زندگي جي تلخ روين منھنجي اندر زھر ڀري ڇڏيو ھو. اھڙو زھر، جنھن مان ٻين کي ته خطرو نه ھو پر مونکي ان زھر  اندران ئي اندران ختم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو ۽ مان ڏينھون ڏينھن پنھنجو پاڻ پوئتي ٿيندي ڏسندي ھئس. ھر طرف اوندھ ئي اوندھ ڇانئجي وئي ھئي. زندھ ته ھئس پر منھنجو روح مري چڪو ھو. ڳچ عرصي تائين اھا حالت رھي. نيٺ ھمت ڪري زندگي جي حاصلات لاء اوندھ ۾ ھٿوراڙيون ڏيڻ لڳي ھئس. ھٿوراڙيون ڏيندي ڏيندي منھنجي ھٿ ھڪ راز لڳو. اھو راز زندگي جي اهم رازن مان ھڪ ھو، جنھن جي کلڻ سان ئي روشني جي لاٽ ٻري منھنجي اندر کي روشن ڪرڻ شروع ڪيو ھو. آخر منھنجي چوگرد روشني ڦھلجي وئي. منھنجي سوچ ۾ وسعت پيدا ٿيڻ لڳي. مون پنھنجو پاڻ کي زنده جاويد انسان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو. منھنجي ذھن ۽ مايوسين جي ماريل سراپا کي لڳل زنگ صاف ٿيڻ لڳو ھو. منھنجو اندر اجرڻ لڳو. اھو راز ھڪ ڪتاب ھو. مون اھو ڪتاب ڪيئي بار پڙھيو ۽ اھو راز ھٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ان ڪتاب جي ڪري آئون مايوسين مان نڪري مثبت سوچ ويچار ذريعي پنھنجي زندگي ۾ بدلاء آڻڻ شروع ڪيو ھو. ڪتابن سان شغف ھجڻ ڪري مون سيلف ھيلپ جا ڪيئي ڪتاب اٿلايا پٿلايا. انھن سڀني ڪتابن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪتاب آمريڪي مصنفه رونڊا بائرن جو ڪتاب The Secret  (راز) لڳو. ان ڪتاب مان مون اھو سکيو تہ سوچن جي طاقت سان ھر شئي حاصل ڪري سگھجي ٿي.

اي منھنجا دوست!

آئون ان مھربان ھستي جي شڪر گذار آھيان، جنھن منھنجي حالت ڏسي مونکي سيلف ھيلپ جي ڪتابن ڏانھن ڌڪيو ھو. ان ڪتاب منھنجي  زندگي ۾ ڪاميابين جا رستا  عيان ڪيا. مونکي ھڪ بھترين ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جو ڏس ڏنو. مون پنھنجو پاڻ کي ھلڪو ڦلڪو محسوس ڪيو ۽ ھوائن ۾ اڏندي محسوس ڪيو. مونکي ڪاميابي جو رستو ملي ويو. ھاڻي پنھنجي ڪوشش ۽ محنت سان مونکي اڳتي وڌڻو ھو. مون ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيا. مون ان وقت پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ، پنھنجي صلاحيتن بابت سوچڻ شروع ڪيو. مون دنيا کان خوف کائڻ بجاءِ دنيا تي اعتماد ڪرڻ شروع ڪيو. مون پنھنجي شوق مطابق پنھنجي لاءِ لکڻ ۽ پڙھڻ جو رستو چونڊيو ۽ ان تي ھلڻ شروع ڪيو. مون ڄاڻي ورتو ھو ته منھنجي بقا جو واحد راز علم ۾  لڪل آھي. جيترو مون وٽ آھي اھو ٻين کي ارپڻ شروع ڪيو. ائين ڪرڻ سان مون ۾ ڏاڍي مثبت تبديلي آئي. منھنجي علم ۾ اضافو ٿيو. منھنجي سوچ وسيع ٿي ۽ زندگي علم جي حصول سان پرنور ٿيڻ لڳي. مونکي ليکڪ ۽ ليکڪا ڀائر ۽ ڀينرون پڻ مليون، جن کان مون گھڻو پرايو.

مونکي ياد آھي تہ ڪنھن ليکڪ ڀاءُ چيو ھو ته مان اوھان لاءِ پنھنجا ڪتاب موڪلڻ چاھيان ٿو. ڇا توھان کي موڪلي سگھان ٿو؟

مون چيو ته ڀاءُ! ڪتاب تہ زندگي آھن. زندگي کان ڪير انڪاري ٿي سگھي ٿو.