ٽيڪساس (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا هڪ ٻار جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اهو پنهنجي هم عمر ٻارن کي دوست بڻائڻ جو خواهشمند آهي پر سڀ ابتو سندس مذاق اڏائي رهيا آهن، ان ٻار جي وڊيو بعد نه رڳو کيس دوست مليا آهن پر ان لاءِ قائم هڪ فنڊ ۾ 40 هزار ڊالر جي رقم به جمع ٿي وئي آهي، ٽيڪساس جي شهر ايمريلو ۾ رهندڙ 12 سالن جي شيڊن واڪر جي هڪ وڊيو هن وقت لکين ماڻهن ڏٺي آهي، اها وڊيو گهر جي ٻاهران لڳل گهنٽي جي وڊيو ڪيمرا سان بڻائي وئي آهي، شيڊن گهنٽي وڄائي چوي ٿو ته ڇا اوهان جي گهر ۾ ڪوئي منهنجو هم عمر ٻار آهي، جنهن کي مان دوست بڻائي سگهان، ته اندران آواز اچي ٿو تنهنجي ساڄي هٿ تي هڪ گهر آهي، جتي ٻه ٻار رهندا آهن، ان تي شيڊن چيو ته اهي هاڻي منهنجا دوست ناهن، ڇو جو اهي منهنجو مذاق اڏائيندا آهن ۽ لاڳيتو مون کي تنگ ڪندا آهن، اهو چوندي اهو جهڙوڪ ڏهارو ٿي وڃي ٿو، شيڊن کي دوستن جي ايتري خواهش آهي جو اهو ٻيهر گهر وارن کان پڇي ٿو ته ڇا اوهان جي گهر ۾ ٻار آهن، ان تي اندران جاوب اچي ٿو ته آهن پر انهن جي عمر رڳو ٻه سال آهي، ان تي دوستن کان محروم شيڊن پرجوش انداز ۾ چوي ٿو ته مان ٻن سالن جي ٻارن سان محبت ڪندو آهيان، جيستائين مان ڄاڻان ٿو ته اهي تمام پيارا هوندا آهن، ان تي اندران ٻار کان نالو به پڇيو وڃي ٿو،ان گهر ۾ ري نالي خاندان رهدو آهي، جنهن اها وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي پوسٽ ڪري ڇڏي، جيڪا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ساڍا 6 ڪروڙ جي تعداد ۾ ڏٺي وئي ۽ تمام گهڻي مشهور ٿي آهي، ان بعد گهر وارن ٻار لاءِ گو فنڊ مي تي هڪ مهم جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هيل تائين 40 هزار ڊالر جمع ٿي چڪا آهن، شيڊن جي ماءُ ڪرشنا پيٽرسن ٻڌايو ته ان ٻار کي پنهنجي جسامت ۽ معصوميت جي بنياد تي انتهائي تضحيڪ جو نشانو بڻايو ويو آهي، ايتري تائين جو اهو ڊپريشن جو شڪار ٿيو ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي، جڏهن ته شيڊن جي ماءُ چيو آهي ته وڊيو وائر ٿيڻ بعد سڄي دنيا مان ماڻهن ساڻس محبت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جو اعتماد وڌيو آهي، هاڻي گو فنڊ مي تي رقم جمع ڪرڻ جي مهم بند ٿي چڪي آهي، ڇو ته تمام تيزي سان 40 هزار ڊالر جو هدف پورو ٿي چڪو آهي.