سيوھڻ(ن پ ا) ڳوٺ آراضي ۾ ڪالھ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول آراضي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ جي استادن جي ٽيمن وچ ۾ هڪ دلچسپ ۽ فرينڊلي ڪرڪيٽ ميچ آراضي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي وئي. سيوهڻ ٽيچرز اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر ڏهن اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ آراضي ٽيچرز اليون جي ٽيم آخري اوور جي آخري بال تي 131 رنسون مڪمل ڪندي ميچ کٽي ورتي. آراضي ٽيچرز اليون جي ڪپتان رفيق بروهي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 64 رنسون ٺاهيون ۽ گڏوگڏ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون جنهن ۾ هيٽ ٽرڪ پڻ شامل هئي. شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي رفيق بروهي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.