دوداپور (ن پ ا) دوداپور ۾ هڪ ڏينهن اڳ بڪيجا لاڙي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي عبدالرزاق چانڊيو جي قتل ۽ پٽ پرويز چانڊيو جي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس مقتول عبدالرزاق چانڊيو جي ڀائٽيي گداحسين چانڊيو جي فرياد تي مارجي ويل محمد بخش جکراڻي، درياهه خان ڪٽوهر، عبدالوحيد بنگلاڻي ۽ 2 نامعلوم جوابدارن مٿان دوداپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتاري نه ٿي سگهي آهي، ٻئي طرف جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس اٽالن ۽ بڪتربند گاڏين جي مدد سان پنھون ڀٽي جي علائقي ڳوٺ قاسم بنگلاڻي تي چڙھائي ڪري ڪيترن ئي گھرن کي ڊاھي ۽ باھه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس اٽالن ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو امداد ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي، جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي اڳ ۾ ئي گھر کالي ڪري فرار ٿي ويا، ان حوالي سان ايس ايچ او دوداپور فدا حُسين شيخ موجب هڪ ڏينهن اڳ دوداپور ٿاڻي جي حد بڪيجا ڀرسان ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو عبدالرزاق چانڊيو مارجي ويو ھو ۽ سندس پٽ پرويز چانڊيو زخمي ٿيو ھو، پنھنجي ساٿين ھٿان ھڪ ڦورو محمد بخش جکراڻي به مارجي ويو ھو، جنھن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي باھج ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.