دوداپور (رپورٽ :غوث بخش ڪٽوهر )دوداپور ويجھو پنھون ڀٽي واري علائقي ۾ 3 سال اڳ رستي جي لنگهه تان رحيم بخش ڪٽوهر ۽ بھار خان ڪٽوهر جي ڌرين ۾شروع ٿيل تڪرار تان ٻنهي ڌرين جا 3 ڄڻا قتل ٿيا هئا، خوني تڪرار جو نبيرو ريحان بُليدي ۽ سيد نورعلي شاھ جي سرپئنچي ۾ علي آباد بُليدي ۾ ڪيو ويو، سرپئنچن ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد نبيري ۾ في خون بها 20 لک گهر ڊاهڻ جي نقصان جو هڪ لک نينگر کي زخمي ڪرڻ جو 2 لک ناجائزي جو 3 لک ڏنڊ رکيو ويو،  نبيري ۾ بهار ڪٽوهر جي ڌر مٿان دائم ڪٽوهر ۽ نينگر آصف ڪٽوهر جي خون ۽ ٻين ناجائزين جو مٿن 43 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، ۽ رحيم بخش ڪٽوهر جي ڌر مٿان اختيار عرف ڏاگهو ڪٽوهر جي خون جو 20 لک لاش جي بي حرمتي ڪرڻ جو 10 لک ۽ مختيار ڪٽوهر جي نينگر زخمي ڪرڻ جو 2 لک گهر ڊاهڻ جو هڪ لک سميت مجموعي طور 33 لک روپيا ڏنڍ رکيو ويو نبيري بعد ڌرين کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ڀاڪر پارايو ويو، ڏنڊ جي رقم ڌريون ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون،3 سال اڳ پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ رستي لنگهه تان رحيم بخش ڪٽوهر ۽ بهار ڪٽوهر ڌرين جي جهيڙي ۾ اختيار عرف ڏاگهو ڪٽوهر، دائم ڪٽوهر ۽ نينگر آصف ڪٽوهر مارجي ويا هئا، فيصلي ۾ سيدعلي شاھ، حاجي قائم خان ڪٽوهر، استاد علي اڪبر ڪٽوهر، محمد علي شاھ، غوث بخش ڪٽوهر، بجار ڪٽوهر، ڇتو خان دستي، محمدعلي شاھ، رحيم بخش جکراڻي، قادربخش ڪٽوهر، استاد سرور ڪٽوهر پڻ موجود هئا.