دوداپور (ن پ ا) دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ هيرڻ واھ وٽان پوليس اهلڪار خميسو ايري کان هٿيارند موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي رفيق بروهي کان موٽرسائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم جوابدار ڦري ويا، هوڏانهن سم شاخ ڀرسان به هٿياربندن سرون پهچائي واپس ويندڙ مديجي واسين جتوئي برادري جي ماڻهن جو ٽريڪٽر ڦر ڪري ويا، ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ بعد هٿياربند ڊرائيورحسين جتوئي کي به اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا،اطلاع تي پوليس پهچي جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنهن بعد جوابدار مغوي ڊرائيور کي ڇڏي فرار ٿي ويا.