دوداپور(رپورٽ: غوث بخش ڪٽوهر) دوداپور ويجھو پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رسول لاشاري ۾ پُراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن پورهيت جي گهر تي حملو ڪري ٻن سڳن معصوم ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ پيءُ ماءُ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل معصوم ڀائرن 12 ورهين جي پسند علي گرگيج ۽ 8 ورهين جي ظهير علي گرگيج جا لاش ۽ زخمين معصوم ٻارڙن جي والده مسمات اربيلي، سندس ٽيون ڀاءُ فيض محمد ۽ والد عابد جان گرگيج کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد معصوم ڀائرن جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، پنھون ڀٽي پوليس موجب واقعو جتوئي ۽ گرگيج برادري جي ٻن ڌرين ۾ پُراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي، گُل جان جتوئي ڌُر حملو ڪري ٻن نينگرن کي قتل ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي، ٻئي طرف مقتول نينگرن جو والد زخمي عابد جان گرگيج جو چوڻ آهي ته گل جان جتوئي ڌر جو اسان جي قوم وارن احمد علي گرگيج وارن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو. ٻي طرف مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته گل جان جتوئي ڌر جي ھٿياربندن قوم جو ھجڻ ڪري گھر تي حملو ڪري ٻن معصوم نينگرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو امام بخش بروهي ۽ ايس ايچ او پنهون ڀٽي سانول ميرالي جي اڳواڻي ۾ بڪتربند گاڏين ۽ 10 کان وڌيڪ پوليس موبائلن تي سوار اهلڪارن ڳوٺ فيض محمد جتوئي تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو، پوليس موجب ته گهر گهر تلاشي بعد ٻن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتاري ڪري ورتو آھي، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو.