دوداپور (رپورٽ :غوث بخش ڪٽوهر ) دوداپور ويجھو ڳوٺ جعفر آباد بليدي ۾ پراسرار بيماري سبب ھڪ ئي گھر جا ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ، فوتين ۾ ھڪ سال جو عابد ولد نادر ميرالي، پنج ورهين جي عليشه ڌيءَ قادن ميرالي، ٽي ورهين جو خالده ڌيءَ گلشير ميرالي شامل آهن، ھڪ ئي گھر مان ٽن معصوم ٻارڙن جا مڙهه کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو، نينگري عليشه جي والد قادن ميرالي جو چوڻ هو ته ٻارڙن کي ھلڪو بخار ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، اسپتال ۾ ڪا به سھولت نه آهي، ڪيترائي ٻارڙا مختلف وبائي بيمارين ۾ مبتلا آھن ۽ فوت ٿيل ٽئي ٻارڙا پاڻ ۾ سئوٽ آھن، سماجي اڳواڻ عبدالرحمان بليدي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته برساتي ٻوڏ سبب9 مھينن تائين پاڻي بيٺل رھيو، جنهن ڪري وبائي بيمارين جنم ورتو، هن جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان وٺي ھن وقت تائين مختلف وبائي بيمارين سبب مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت ھڪ ئي ڳوٺ جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.ڳوٺاڻن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.