دوداپور(ن پ ا) دوداپور ويجھو ڳوٺ ڄام خان ايري ڀرسان هٿياربندن ٽريڪٽر ڦُر ڪري 4 ڄڻن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيلن ۾ ڊرائيور اسد لهر، اسرار لهر، فياض لهر ۽ عاشق لهر شامل آهن،  پوليس موجب  ڊرائيور ۽ مزدورن سميت 4 ڄڻا گم آھن جنھن لاءِ سرچ آپريشن جاري آھي،   ٻي طرف مبينا طور اغوا ڄاڻايل چار ڄڻا آزاد ٿي گهر پهچي ويا، ٽريڪٽر مالڪ مولا بخش لھر جو چوڻ هو ته ھٿياربندن ڊرائيور ۽ مزدورن کان موبائل فون ڦر ڪري آڌ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ھو، جنهن بعد پورهيت گهر پهتا آهن.