دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان چوري ڪندي ھڪ چور سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي، خبر موجب تاجوديرو ٿاڻي جي حد دائوجهانپور شهر مان رات چوري ڪندي ڳوٺاڻن ھڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ حليم کوسو جي نالي سان ڪئي وئي، ڳوٺاڻن مارڪٽ بعد چور کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن موجب ٻيا چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته پڪڙيل چور کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.