دوداپور( رپورٽر ) ميرانپور واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ،ميرانپور جي علائقي ۾ هٿياربندن ڪار مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ معشوق کوسو، رحيم بخش کوسو ۽ ظھور کوسو ٿڏي تي ئي مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي ميرانپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ، واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي، جاچ ڪرڻ خان خبر پئجي ويندي